پاٽ وارو قلعو

پاٽ وارو قلعو: هيءُ قلعو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي تعمير ڪرايو، جنهن جا هينئر فقط نشان وڃي بچيا آهن. پاٽ وڏي زماني کان واپاري لحاظ کان سنڌ جو اهم شهر رهندو پئي آيو آهي. هڪ خيال آهي ته شهر جي حفاظتي خيال کان تعمير ڪرايو ويو هو. قلعي لاءِ اهي به روايتون ملن ٿيون ته هي قلعو ميان نصير محمد ڪلهوڙي کان اڳ موجود هو ۽ نصير ڪلهوڙي هن جي مرمت ڪرائي، ان کي پنهنجي استعمال هيٺ آندو هو. جيئن سنڌ جي اڪثر قديمي ماڳن لاوارثي ۽ حفاظت نه هئڻ سبب پنهنجي حيثيت ۽ حُسن وڃايو آهي، ان ريت هيءُ قلعو به صفحه هستيءَ تان مٽجندي فقط نشانن جي صورت ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو